شمس العلماءَ دائودپوٽه پبلڪ لائبرري حيدرآباد

شمس العلماءَ دائودپوٽه پبلڪ لائبرري حيدرآباد

شمس العلماءَ دائودپوٽه پبلڪ لائبرري حيدرآباد

شمس العلماءَ دائودپوٽه پبلڪ لائبرري حيدرآباد: هيءُ عوامي لائبرري، حيدرآباد ۾ مئن نيشنل هاءِ وي تي، سنڌ ميوزيم ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي وچ تي واقع آهي. هن لائبرريءَ جو قيام آڪٽوبر 1961ع ڌاري اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچيءَ جي هڪ حصي طور عمل ۾ آيو. هڪ سال کانپوءِ لائبرريءَ کي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ منتقل ڪيو ويو، جتان 1965ع ۾ عمارت جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد لائبرريءَ کي مستقل طور موجوده عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۾ هيءَ پبلڪ لائبرري، لياقت ميموريل لائبرري ڪراچي ۽ سچل سرمست لائبرري خيرپورميرس کانپوءِ ٽيون نمبر وڏي عوامي لائبرري آهي. هن لائبرريءَ جو ڪاروهنوار سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ماتحت آهي ۽ لائبرريءَ کي پنهنجو انتظامي عملو پڻ آهي. جولاءِ 1971ع ۾ سنڌ جي وڏي عالم ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي پونيرن سندس ڪتابن جو ذخيرو لائبرريءَ کي عطيو ڪيو، جنهنڪري سندس نالي جي نسبت سان هن لائبرريءَ کي ‘شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا لائبرري’ جو نالو ڏنو ويو.
هن لائبرريءَ جو هڪ هال ننڍن ٻارن لاءِ مخصوص آهي، جنهن ۾ سندن سکيا ۽ دلچسپيءَ جا تقريباً 5000 ڪتاب موجود آهن. ان کان سواءِ شاگردن، شاگردياڻين توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هڪ لک کان مٿي اردو، سنڌي، انگريزي، عربي ۽ فارسي ڪتابن کان سواءِ وڏي تعداد ۾ اخبارون ۽ رسالا مطالعي لاءِ موجود آهن. هيءَ لائبرري صبح 9 بجي کان رات 10 بجي تائين کليل رهي ٿي ۽ روزانو 200 کان 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مطالعي لاءِ اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو